SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Nicaraguan Revolution

(click word to listen sound
  • 🔊
  • nicaraguan
  • revəluːʃən
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Nicaraguan Revolution

نڪاراگُئن ريوولِيُوشن

نڪاراگُئا جو انقلاب

1979ع ۾ لاطيني آمريڪا جي مُلڪ نڪاراگُئا ۾ هٿياربند جدوجهد ذريعي آمريڪا مخالفت سوشلسٽ انقلاب آيو. هن ويڙهه ۾ نڪاراگئا جي انقلابين 50 سالن کان حڪمراني ڪندڙ ’سوموزا خاندان‘ کي جولاءِ 1979ع ۾ مُلڪ مان ڀڄي وڃڻ تي مجبور ڪيو، ’سوموزاخاندان‘ جي فوجن ۽ عوامي حمايت يافته ويڙهاڪن جي وچ ۾ ٿيندڙ انهيءَ لڙائيءَ ۾ لڳ ڀڳ 50،000 ماڻهو مارجي ويا ۽ تقريباً ملڪ جي 20 سيڪڙو آبادي بي گهر ٿي. سوموزا کان پوءِ ’ڊئنيئل اورتيگا‘ جڏهن نڪاراگوا جو صدر ٿيو ته، کاٻي ڌر سان تعلق رکڻ ڪري، آمريڪا ان جي شديد مخالفت ڪندي، سندس مُخالف ’ڪونٽرا باغين‘ جي مدد ذريعي انقلاب کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. آمريڪي صدر ’رونالڊ ريگن‘ جي حڪومت ۽ سندس مُشيرن ننهن چوٽيءَ جو زور لائي، اورتيگا حُڪومت کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کين ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيو. بعد ۾ اورتيگا جي حُڪومت جو خاتمو عام چونڊن ۾ سندس مُخالف صدارتي خاتون اميدوار ’چامارو‘ جي سوڀ ذريعي مُمڪن ٿيو.


Remember Me Also:

هوند نه شڪر

هُوندِ نه شُڪُرُ

نه هڙ نه حاصل، نه پلئه نه پاند، بي ڪارو، بي فائدو. ڪجهه به حاصل نه ٿيڻ واري حالت.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal